سينٽ بوناوينچر هاءِ اسڪول حيدرآباد

سينٽ بوناوينچر هاءِ اسڪول حيدرآباد

سينٽ بوناوينچر هاءِ اسڪول حيدرآباد

سينٽ بوناوينچر هاءِ اسڪول حيدرآباد (St. Bonaventure’s High School Hyderabad): هيءُ اسڪول حيدرآباد، سنڌ ۾ فوجداري روڊ تي واقع آهي. هن اسڪول جي ٻي شاخ قاسم آباد ۾ قائم آهي. هن اسڪول جو انتظام رومن ڪئٿولڪ ڊايوسيس حيدرآباد جي ذمي آهي. هن اسڪول جو بنياد 1920ع کان 1930ع جي وچ واري عرصي ۾ پيو هو، جنهن جو باني آرڪائيلز مير سمئن هو. پهرين هن اسڪول جو نالو سينٽ بوناوينچر آف بئگنوريجيو (Saint Bonaventure of Bagnoregio) رکيو ويو، پر ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته بعد ۾ اسڪول جو نالو حيدرآباد جي اڳوڻي عيسائي پادري بوناوينچر پيٽرڪ پاؤل جي نالي تي رکيو ويو. ورهاڱي کان وٺي اڄ تائين هي اسڪول سينٽ بوناوينچر هاءِ اسڪول جي نالي سان مشهور آهي. ڪئٿولڪ بورڊ آف ايجوڪيشن هن اسڪول جي ترقيءَ ۽ واڌاري ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. هندستان ۽ وچ ايشيا ۾ سينٽ فرانسز زيويئر جي خدمتن جي ياد ۾ اسڪول سان گڏ هڪ چرچ جي تعمير پڻ ڪئي وئي هئي. اسڪول ۽ چرچ جون اهي عمارتون حيدرآباد ۾ ثقافتي ورثي جون يادگار آهن.
فادر جي. بي ٽاد، پهرين هن اسڪول جو وائيس پرنسپال ۽ پوءِ 1958ع کان 1974ع تائين پرنسپال ٿي رهيو. 1972ع ڌاري خانگي تعليمي ادارن جي خاتمي سبب هي اسڪول به سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو، جنهن دوران اسڪول جي تعليمي معيار کي ڪافي نقصان رسيو.
هن اسڪول ۾ شاگردن کي تفريح مهيا ڪرڻ لاءِ هر سال غير تعليمي سرگرميون پڻ ٿينديون آهن، جن ۾ ڊراما، مختلف رانديون، ساليانيون اوارڊ تقريبون، جشن آزادي، عيد ميلادالنبي، چٽاڀيٽي پروگرام، سائنسي نمائش، موسيقيءَ جو مقابلو، رمضان ڪوئز ۽ ڪمپيوٽر ڪوئز وغيره شامل آهن.
هي اسڪول سينٽ ميري ڪانوينٽ اسڪول سان لاڳاپيل آهي. هن وقت سينٽ بوناوينچر اسڪول جا پرنسپال برٽرام ڊسوزا ۽ اينجيلا ڊسوزا آهن، جڏهن ته سٽي برانچ جو وائيس پرنسپل عبدالرئوف شيراني ۽ قاسم آباد برانچ جو وائيس پرنسپال سيموئل اروڙا آهي. سٽي برانچ صرف ڇوڪرن لاءِ ۽ قاسم آباد برانچ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ گڏيل آهي.


لفظ سينٽ بوناوينچر هاءِ اسڪول حيدرآبادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو